اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري بلوچستان يونيورسٽي گيٽ آڏو ڌماڪي جي مذمت ڪندي ان ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جدا جد?? مذمتي بيانن ۾ هنن متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ ڌماڪي ۾ زخ??ين کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هنن چيو ته ڌماڪي ۾ ملوث عنصر انسانيت جا دشمن آهن. شرپسند عنصر بلوچستان صوبي جي امن کي س??وتاز ڪرڻ چاهين ٿا، انهن کي پنهنجي ڪڌي مقصدن ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿيندي. هنن الله تعاليٰ کان ڌماڪي ۾ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي ۽ زخ??ين جي جلد صحتيابي ۽ پونئيرن کي ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ صبر ج??يل عطا فرمائڻ جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث