اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ سياسي سطح تي ٻطرفا لا??اپ?? ٻنهي مل??ن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گهڻ رخي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ اهميت رکندڙ آهن. اهڙ?? خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سفير گيبريلا ٽائيل ڪاپوتي سان هتي ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي پارليامينٽ ها??وس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ موجوده واپاري ڪاٿي کي وڌائڻ جي ضرورت آهي ڇو ته ان ۾ بهتري آڻڻ جي گنجائش موجود آهي، هن چيو ته سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ ٻنهي طرفن کان ڪاروباري وفدن کي گ??يل رابطا وڌائڻ گهرجن ته جيئن سيڙپڪاري جا امڪان ڳولي سگهجن، هن چيو ته پاڪستان، ڪيوبا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي.
سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا سان پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش