لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان فيصل آباد سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، صلاحڪار مرزا شهزاد اڪبر ۽ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن ۾ چوڌري محمد عاصم نذير، ??واب شير وسير، رضا نصرالله گهمن، خرم شهزاد، فرخ حبيب، فيض الله ۽ راجا رياض احمد شامل هئا. قومي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي پنهنجي لاڳاپيل ت??ن ۾ ترقياتي ۽ فلاحي منصوبن جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هنن وزيراعظم کي ڪورونا وائرس جي وبا جي صورتحال کان آگاهه ڪندي ان وبا تي ضابطو آڻڻ جي لا??ِ حڪومتي حڪمت عملي تي خراج تحسين پيش ڪيو. ميمبرن ڪورونا وائرس جي وبا دوران موثر ڪارڪردگي تي فيصل آباد انتظاميا کي پڻ ساراهيو.
وزيراعظم سان فيصل آباد سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا