اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو ??ال??ريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رتوڇاڻ بند ڪري ۽ گڏيل قومن جي نگراني هيٺ شفاف ۽ منصفاڻو ريفرنڊم ڪرڻ جي اجازت ڏي، ڀارتي گذريل 7 ڏهاڪن کان ??ال??ريل ڪشمير جي بهادر عوام کي خودمختياري جو حق ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي جنهن جو عالمي برادري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قراردادن ذريعي انهن سان واعدو ڪيو آهي، عالمي برادري ڀارتي ??ال??ريل ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي انساني حقن جي خلاف ورزين، ڀارتي فورسز پاران بيگناهه ڪشميرين تي ظلم جي خلاف آواز بلند ڪري ۽ ڄمون ڪشمير جي عوام سان 70 سال اڳ ڪيل واعدن کي عملي جامعو پارائي. ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيو ته پاڪستاني عوام ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ??لهائڻ ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي ۽ بن??اد?? انساني حق خاص طور تي خودمختياري جي حق لاءِ ڪشميري عوام جي جائز جدوجهد ۾ پنهنجي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جي عزم کي ورجائي ٿي.
ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رتوڇاڻ بند ڪري: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز