واشنگٽن- 21 نومبر (ا ي پي پي) آمريڪي سينيٽ اسرائيل کي هٿيارن جو وڪرو ر??ڪڻ جو بل رد ڪري ڇڏيو آهي. اهو بل غزه ۾ فلسطينين کي درپيش انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳڻتي سبب متعارف ڪرايو ويو هو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق گذريل ڏينهن سينيٽر برني سينڊرز طرفان 3 ٺهراءُ پيش ڪيا ويا. پهرين ٺهراءُ ۾ اسرائيل کي امريڪا طرفان ٽينڪن جي گولن جي فراهمي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو جنهن جي مخالفت ۾ 79 ۽ حمايت ۾ رڳو 18 ووٽ پيا. ٻين ٺهراءُ ۾ اسرائيل کي مارٽر گولن جي فراهمي ر??ڪڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو. ان ٺهراءُ جي مخالفت ۾ 78 ۽ حمايت ۾ 19 ووٽ پي??. ج??ائنٽ ڊائريڪٽ اٽيڪ ميونيشن (جي ڊي اي اي??ز) يعني عام بمن کي سڌي ريت حملو ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ گولا بارود ۾ تبديل ڪندڙ ڪٽس جي اسرائيل کي فراهمي ر??ڪڻ جي ٺهراءُ جي مخالفت ۾ 80 ۽ حمايت ۾ 17 ووٽ پيا. اهڙي طرح اهو ٺهراءُ به منظور نه ٿي سگهيو. انهن ٺهرائن جي حق ۾ سمورا ووٽ ڊيموڪريٽڪ ڪاڪس طرفان آيا. سينيٽر برني سينڊر چيو ته اسرائيل کي فوجي امداد جي فراهمي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي هٿيارن جي وڪري تي پابندي جي آمريڪي قانون جي ڀڃڪڙي آهي. هن ووٽنگ ??ان اڳ هڪ نيوز ڪانفرنس ۾ چيو هو ته اسان سمجهون ٿا ته آمريڪا جي حڪومت کي پهرين ترجيع طور ان قانون جي پابندي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٻئين نمبر تي اخلاقي نظريي ??ان به اها ڳالهه حيرت انگيز آهي ته اسرائيل کي هٿيار ۽ گولا بارود فراهم ڪري آمريڪا غزه ۾ هزارين ٻارن جي بک ۽ غذائي کوٽ ۾ ملوث آهي. واضع رهي ته غزه ۾ اسرائيلي جارحيت سبب 23 لک ماڻهن ک??ن وڌيڪ جي آبادي بي گهر ٿي چڪي آهي ۽ اهي جنگ سٽيل علائقا ڏڪار جي خطري کي منهن ڏئي رهيا آهن. غزه جي صحت کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته اسرائيل جارحيت جي نتيجي ۾ غزه ۾ گذريل آڪٽوبر ??ان هيل تائين 43 هزار 922 ک??ن وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
آمريڪي سينيٽ ۾ اسرائيل کي هٿيارن جو وڪرو روڪڻ جو بل وڏي اڪثريت سان رد
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری