گڏيل قومون-28 آڪٽوبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش چيو آهي ته ??زه پٽي جي اتر ۾ جاري سخت اسرائيلي فوجي ڪارروائين دوران فلسطيني شھرين جي فوتگين جي صورتحال تي سخت صدمي جو اظھار ڪيو آھي. پرڏيھي رپورٽ مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان گذريل ڏينھن بيان ۾ چيو آھي ته ??زه جي صحت واري وزارت مطابق گذريل ڪجھه ھفتن دوران غزه ۾ اسرائيلي ڪارروائين دوران سوين فلسطيني شھيد ٿيا ۽ 60 ھزار کان وڌيڪ ماڻھو ٻيھر لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيا آھن ۽ اھو به خدشو آھي ته ??نھن مان ڪيترا ئي ماڻھو سندن گھر واپس نه وڃي سگھندا. بيان ۾ ھن چيو ته ??تر غزه ۾ ڦاٿل فلسطيني شھرين جي حالت ناقابل برداشت آھي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته ??تر غزه ۾ اسرائيل جي فوجي ڪارروائين جي نتيجي ۾ وڏي پيماني تي تباھي خاص طور تي جباليه، بيت لاھيه ۽ بيت الحنون ۾ ٿي آھي ۽ انھن جي آس پاس وارا علائقا فلسطيني آبادي جي رھائش جي قابل نه رھيا آھن. ھن چيو ته ??المي انساني قانونن جون سنگين ڀڃڪڙيون جاري آھن. ھن ان ڳالھه تي زور ڀريو ته ??ڪرار وارين ڌرين کي شھرين ۽ انساني ھمدردي جي ڪارڪنن جو تحفظ ڪرڻ گھرجي. پر افسوس هتي انھن لاءِ روڪاوٽون پيدا ڪيون پيون وڃن. گڏيل قومن جي سربراه غزه ۾ فوري جنگب??دي?? سمورن قيدين جي فوري آزادي ۽ عالمي قانون تحت ڏوھارين کي جوابده ??ڻائڻ لاءِ پنھنجي اپيل جو ورجاءُ ڪيو.
اتر غزه ۾ فلسطيني شھرين جي حالت ناقابل برداشت آھي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد