دمشق -27 نومبر (اي پي پي) شام جي گادي واري هنڌ دمش?? ۾ ??سرائيلي فوج جي حملن سبب دمشق جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي سروسز معطل ڪيون ويون. سعودي خابرو اداري شا??ي ميڊيا جي حوالي سان ٻڌايو ته شام جي گادي واري شهر دمشق ۾ هڪ زوردار ڌماڪي جو آواز ٻڌو ويو جنهن کان پوءِ المزه ۽ المعضميه ??ي آسپاس وارن علائقن ۾ دونهين جا ڪڪر ڇانئجندي ڏٺا ويا. شا??ي ميڊيا ٻڌايو ته اسرائيل طرفان نشانو بڻائڻ جي نتيجي ۾ دمشق جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي سروسز معطل ٿي ويون آهن. سيريئن آبزرويٽري گادي واري هنڌ دمشق ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 ڌماڪن جا آواز ٻڌڻ جو اطلاع ڏنو آهي. شامي اخ بار الوطن چيو ته اسرائيل دمشق جي عالمي هو??ئي اڏي کي نشانو بڻايو آهي جنهن سبب دمشق ايندڙ جهازن جو رخ حلب ۽ لاذقيه هو??ئي اڏن ڏانهن موڙيو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ