بيجنگ – 16 آڪٽوبر(اي پي پي) چين روس لاءِ برڪس جي سربراهي جي حمايت ڪري ڇڏي. اها ڳالهه چيني پرڏيهي وزير سومر ڏينهن پنهنجي روسي هم منصب سرگئي لاوروف سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪئي. روسي خابرو اداري جي رپورٽ م??ابق چيني پرڏيهي وزير وانگ يي چيو ته چين 2024ع ۾ برازيل، روس، ڀارت، چين، ڏکڻ آفريقا تي ٻڌل اڀريندڙ معيشتن تي ٻڌل گروپ برڪس جي سربراهه جي طور تي روس جي سرگرمين جي حمايت ڪري ٿو. گذريل آگسٽ ۾ ڏکڻ آفريقا ۾ ٿيل برڪس سربراهي اجلاس بعد 6 نئين ميمبرن برڪس ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي جڏهن ته ارجنٽائن، ??صر، ايران، گڏيل عرب امارات، سعودي عرب ۽ ايٿوپيا 2024ع ۾ ان گروپ ۾ شامل ٿيندا. واضح رهي ته روس روٽيشن اصول تحت ايند?? سال برڪس جي چيئرمين شپ سنڀاليندو.
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná