راولپنڊي – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڪشميري عوام جو خودمختياري وارو حق کلي دل سان تسليم ڪيو وڃي ته خطي جي فضا سازگار ٿي ويندي ۽ اهي وسيلا جيڪي هن وقت اختلافن کي هوا ڏي?? جي لاءِ ڪم ۾ آندا پيا وڃن، انساني ڀلائي لاءِ استعمال ڪري سگهبا. خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪشمير جو مسئلي جي حل انتهائي ضروري آهي ۽ هي مسئلو حل ڪرڻ کانسواءِ خطي ۾ امن هڪ خواب آهي. اها ڳالهه هن فاطمه جناح ويمن يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ ”امن ۽ سلامتي ڏکڻ ۽ وچ ايشيا بابت عالمي ڪانفرنس“ جي عنوان سان م??عقد ڪيل ڪانفرنس جي شروعاتي سيشن کي خ??اب ڪندي چئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز