نيويارڪ-24 مئي (اي پي پي) آمريڪي ڪانگريس ميمبر ٿامس رچرڊ سوزي 26 مئي تي پاڪستاني ڄائي آمريڪي ڪميونٽي جي ميمبرن سان ملاقات ڪ??دو. آمريڪي ڪانگريس جو ميمبر ٿامس رچرڊ سوزي جيڪو ٽام سوزي جي نالي سان به سڃاتو ويندو آهي، آچر ڏينهن ٿيندڙ گڏجاڻي ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ مضبوط بڻائڻ بابت خيالن جي ڏي و?? ڪندو. نيويارڪ جي لانگ آئي لينڊ ۾ ٿيندڙ ان نجي تقريب ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جا مشهور اڳواڻ شرڪت ڪ??دا. ٽام سوزي ان ميڙاڪي کي خطاب ڪندو ۽ پنهنجي پاڪستاني ??مريڪي حلقن سان ڪم ڪندي آمريڪا جي مفادن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي و?? ڪندو. واضح رهي ته ٿامس رچرڊ سوزي هڪ آمريڪي سياستدان، اٽارني ۽ اڪائونٽنٽ آهي.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ