نئين دهلي -30 آگسٽ (اي پي پي) روس جو صدر ولادي??ير پيوٽن مصروفيتن سبب ايندڙ مهيني ڀارت ۾ ٿيندڙ جي-20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو، ڀارت جي پرڏيهي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو آهي، ته روس جي صدر وزيراعظم نر??ندر مودي سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، جنهن ا?? ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي، ته روس جو صدر ان اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نئين دهلي جو سفر نه ڪندو جنهن ۾ برطانيه جو وزيراعظم رشي سونڪ ۽ آمريڪي صدر جوبائيڊن ش??مل هوندا. پرڏيهي وزارت چيو آهي، ته 9 کان 10 سيپٽمبر تائين جاري رهندڙ اجلاس م صدر ولادي??ير پيوٽن جي بجاءِ روس جي نمائندگي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف ڪندو. بيان مطابق ڀارتي وزيراعظم نر??ندر مودي ڀارت جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس جي سمورن قدمن لاءِ روس جي مستقل حمايت تي روس جي صدر جو ٿورا به مڃيا. روس جي حڪومت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي، ته روس جي صدر ۽ ڀارتي وزيراعظم ٻه طرفن ناتن تي پڻ ڳالهيون ڪيون. واضح رهي ته روس جي صدر طرفان اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ واري خبر ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن نئين دهلي ۾ اجلاس جون تياريون آخري مرحلي ۾ آهن، جنهن بابت چيو پيو وڃي ته اهو جي-20 وفدن جي هاڻي تائين جو سڀ کان وڏو اجلاس هوندو.
روس جو صدر ايندڙ مهيني ڀارت ۾ ٿيندڙ جي-20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil