بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چين جي اسٽي?? ايدمنسٽريشن آف پريس پبليڪيشن، ريڊيو، فلم ۽ ٽيليويزن جي نائب وزير ٽ??نگ ??انگ پاران فلم سازي ۽ فلم انفراسٽرڪچر جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي تجويز جي آجيان ڪئي آهي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب سان چين جي اسٽي?? ايڊمنسٽريشن آف پريس پبليڪيشن، ريڊيو، فلم ۽ ٽيليويزن جي نائب وزير ٽ??نگ ??انگ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي مريم اورنگزيب اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فلم جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ معاهدو جلد تيار ٿي ويندو ۽ ان کي حتمي شڪل ڏني ويندي.
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر