اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان اڄ عدالت ۾ اهو تسليم ڪيو آهي ته سندس ڪم الزام هڻڻ آهي ۽ ثبوت ان وٽ موجود نه آهن، عمران خان الزام هڻي ملڪي ترقي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئ??، ڌرڻو هنيو، گادي واري شهر ک?? لاڪ ڊائون ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون ۽ ٽيون ڀيرو چونڊيل و??ير??عظم جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئ?? ۽ چيو ته من?? لانڊرنگ ٿي، پاڪستان جي عوام جو پئسو ڦريو ويو ۽ ٽيڪس چوري ٿيو پر عدالت ۾ تسليم ڪيو ته سندس ڪم الزام هڻڻ آهي، ثبوت ڏيڻ نه آهي، عمران خان کي پنهنجي بيان تي شرمنده ٿيڻ گهرجي، هن قوم سان ڪوڙ ڳالهايو آهي ته هن وٽ ثبوت آهن، تحريڪ انصاف پاران چونڊيل و??ير??عظم تي بي بنياد الزام افسوسناڪ آهن، ملڪي ترقي جي سفر ۾ رڪ??وٽون وجهندڙ اڳ ۾ به ناڪام ٿيا هئا ۽ مستقبل ۾ به انهن کي ناڪامي کي منهن ڏيڻو پوندو. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جي ترقي روڪڻ ج?? لاءِ اهڙي قسم جي سي??ست ڪئي پئي وڃي.
عمران خان اڄ عدالت ۾ اهو تسليم ڪيو آهي ته وٽس ثبوت نه آهن: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ