اسلام آباد – 09 نومبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته حڪومت ترقياتي ايجنڊا تان پنهنجو ڌيان نه هٽائيندي ۽ ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي ز??دگ?? جو معيار بهتر ڪرڻ لاءِ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻ جي لاءِ دلچسپي سان ڪم ڪندي رهندي. هنن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڪئي، وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدر سان ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪ ج?? مجموعي صورتحال ۽ اهم قومي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ايوان صدر طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪ چين ??قتصادي راهداري، توانائي جي منصوبن، امن امان، لائين ??ف ڪنٽرول ۽ والاريل ڪشمير جي ورڪنگ بائونڊري تي پيدا ٿيندڙ صورتحال سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ