واشنگٽن-14 جون (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان ٻطرفن ??اڳ??پن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ڪوششن تح?? پاڪستان ۾ وڌ کان وڌ آمريڪي سيڙپڪاري ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌيڪ واپار تي زور ڀريو آهي. هن آمريڪي رياست پنسيلوانيا جي شهر فلاڊيلفيا ۾ عالمي معاملن جي ڪائونسل کي خطاب ڪندي آمريڪي ڪاروباري ادارن تي زور ڀريو ته هو پنهنجي سيڙپڪاري خاص طور تي ٽيڪ اسٽارٽ اپس، قابل تجديد توانائي، زراعت ۽ صنعتن جي پورٽ فوليز ۾ اضافو ڪن. پاڪستاني سفير اسڪالرز، پاليسي سازن، قانونسازن، صنعتڪارن، ڪاروباري اڳواڻن ۽ پروفيشنلز جي اجتماع کي ٻِڌايو ته پاڪستان آمريڪي صنعتڪارن لاءِ هڪ وڏي مارڪيٽ آهي، جيڪڏهن اوهان جديد ترين مصنوعات تيار ڪريو ٿا ته پاڪستان ۾ اوهان جا 240 ملين صارفين آهن. هن چيو ته پاڪ آمريڪا ??اڳ??پا، دهشتگردي خلاف جنگ، پاڪ ڀارت ??اڳ??پن ۽ علائقائي استحڪام جي معاملن تي ڳالهائيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجوده سيڙپڪاري ۽ واپاري موقعن تي ڌيان ڏنو جنهن ??اڳ??پن کي نئون رخ فراهم ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڊجيٽل طور تي دنيا سان ڳنڍيل آهي. پاڪستاني سفير چيو ته اسان دهشتگردي جي خاتمي ۾ تعاو?? ڪيو ۽ گڏجي دهشتگرد تنظيمن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي. چين سان پاڪستان جي ??اڳ??پن بابت سفير ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته چين سان ??اڳ??پا آمريڪا سان ??اڳ??پن جي قيمت تي ناهن، هن 70 جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ چين ۽ آمريڪا کي هڪٻئي جي ??يج??و آڻڻ ۾ پاڪستان جي تاريخي ڪردار جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي پل جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پاڪ ڀارت ??اڳ??پن بابت پاڪستاني سفير چيو ته 2014ع کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪا به باقاعده ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي. اسان کي هڪٻئي سان ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته دهشتگردن سان وڙهڻ لاءِ پرڏيهي فوجي فنانسنگ (ايف ايم ايف) ۽ فارن ملٽري سيلز (ايف ايم ايس) جي مڪمل بحالي ۽ مدد جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. هن وچ اوڀر جي صورتحال جي پس منظر ۾ آمريڪا تي زور ڀريو ته هو قائداڻو ڪردار ادا ڪندي پنهنجي حيثيت ۽ طاقت جو استعمال ڪري. پاڪستاني سفير شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۽ ملڪ جي خوبصورتي ۽ ان جي روايتي مهمانوازي جو تجربو ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته پاڪستان وٽ 7500 گليشيئرز آهن جيڪي تعداد جي لحاظ کان قطبي خطي کانپوءِ ٻئي نمبر تي آهن. پاڪستاني سفير تقريب جي ميزباني تي ۽ ورلڊ افيئرز ڪائونسل فلاڊيلفيا جي صدر ۽ سي اي او لارين سوارٽرز جو ٿورو مڃيو.
ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آمريڪي پاڪستان ۾ وڌ کان وڌ سيڙپڪاري ڪن: مسعود خان
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil